پيٽن رائوس

پيٽن رائوس

پيٽن رائوس

پيٽن، رائوس (Rous, Peyton): پيٽن رائوس 15 آڪٽوبر 1879ع تي بالٽي مور، آمريڪا ۾ ڄائو. پاڻ جان هاپڪنز (John Hopkins) ۽ مشي گن (Michigan) يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪيائين. 1909ع ۾ هو طبي تحقيق لاءِ راڪ فيلر انسٽيٽيوٽ ۾ شامل ڪيو ويو ۽ سندس باقي عمر انهيءَ اداري ۾ گذري. هاڻي ته اهو ادارو يونيورسٽي به بنجي چڪو آهي. موصوف کي ڪڪڙين جي رسولين تي ڪم ڪندي ڪئنسر جي وائرس بابت خبر پئي. هن ڪئنسر جي بيماريءَ تي تمام گھڻي ريسرچ ڪئي. ان ڪري کيس ڪئنسر وائرس ڳولي لهڻ تي 1966ع ۾ ڊاڪٽر هگنز سان گڏ نوبل پرائيز ڏنو ويو. هن رت کي محفوظ رکڻ جي ٽئڪنيڪ به ڳولي لڌي. جنهنڪري پهرين بلڊ بئنڪ به انهيءَ اداري ۾ ٺاهي رت کي محفوظ ڪيو ويو. سندس وفات 16 فيبروري 1970ع تي نيويارڪ ۾ ٿي.


لفظ پيٽن رائوسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1879.10.15  عيسوي

پيٽن رائوس 15 آڪٽوبر 1879ع تي بالٽي مور، آمريڪا ۾ ڄائو.


1970.02.16  عيسوي

پيٽن رائوس جي وفات 16 فيبروري 1970ع تي نيويارڪ ۾ ٿي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀٽو نور محمد
اشتياق انصاري
استاد سينڌو خان
سليم مگسي
جلباڻي غلام حسين پروفيسر
آغا غلام نبي پٺاڻ
شمل خاتون
شاهنواز ڀٽي
روميلا ٿاپر
ابو سعيد عبدالڪريم سمحاني
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون